شاهراهه ريشم

شاهراهه ريشم

شاهراهه ريشم

شاهراهه ريشم: 550 ق. م ڌاري جڏهن سائرس اعظم جي وچ اوڀر، وچ ايشيا يعني روس، چين ۽ ترڪمانستان تان حڪومت ختم ٿي ته ان جي نتيجي ۾ ’هان ڊائنسٽي‘ سلطنت وجود ۾ آئي. ان وقت چين دنيا جو اهو واحد ملڪ هو، جنهن دنيا جي ٻين ملڪن سان تجارتي تعلقات قائم ڪيا. انهن تعلقات جي پيش نظر چين ٻين ملڪن تائين رسائي لاءِ جيڪي ذريعا اختيار ڪيا، انهن مان شاهراهه ريشم به هڪ آهي. چين، مغربي ملڪن کان ويندي هندستان، ايران، عراق، مصر، ترڪي، يونان ۽ روم تائين انهيءَ شاهراهه وسيلي نه فقط واپار ڪيو، پر بهتر سياسي سماجي لاڳاپا پڻ قائم ڪيا. ماضي قديم ۾ چين، ريشم، ريشمي ڪپڙي ۽ ڪاغذ سازي جي پيداوار توڙي تجارتي مرڪز طور دنيا ۾ مشهور هو. انهيءَ حوالي سان شاهراهه ريشم تمام گهڻي اهميت جي حامل آهي. شاهراهه ريشم تي اهو نالو پڻ چين جي مشهور ريشم جي ڪري پيو.
هيءَ شاهراهه دنيا جي ٽن وڏن کنڊن (Continents) ايشيا، يورپ ۽ اتر آفريڪا کي پاڻ ۾ ملائي ٿي، جڏهن ته چين جي اتر اولهه ۾ افغانستان، ترڪمانستان، ڪازڪستان ۽ ڪرغزستان خطن کي پڻ هڪ ٻئي سان ملائي ٿي. هي شاهراهه چين جي صوبي سنڪيانگ ۽ پاڪستان ۾ گلگت مان ٿيندي خنجراب سان وڃي ملي ٿي. اسلام آباد کان خنجراب تائين هن شاهراهه جو فاصلو تقريباً 800 ڪلو ميٽرن تي مشتمل آهي، هي شاهراهه مجموعي طور 4000 ميلن تي مشتمل آهي.
ماضي قديم ۾ هي شاهراهه درآمد توڙي برآمد سبب انتهائي اهميت جي حامل رهي آهي. چين ۽ هندستان جا تجارتي قافلا ريشم، ڪاغذ، گرم مصالحن، هاٿين جي ڏندن مان ٺهيل سامان ۽ چانهه جو واپار ڪندا هئا. ٻئي پاسي روم ۽ بازنطيني (Byzantium) تاجر/ واپاري چاندي، سون ۽ شيشي مان ٺهيل آرائش وزيبائش جي سامان جي تجارت ڪندا رهيا. هي شاهراهه منگولن ۽ سڪندراعظم جهڙن حملي آورن جي حملن دوران آمد و رفت جو ذريعو پڻ رهي. ان کان سواءِ مذهبي عبادتن لاءِ ويندڙ زيارتين، تيرٿ واسين، خانه بدوشن ۽ غلامن جي اچ وڃ جو گس به رهي آهي. دنيا جي اهم شاهراهه هجڻ سبب مختلف وقتن تي هن شاهراهه جي ترقي ۽ ترويج لاءِ حڪومتي سطح تي تعميراتي ڪم پڻ ٿيندو رهيو آهي. پاڪستان طرفان سال 1966ع ۾ پاڪ فوج هن شاهراهه کي جديد انداز سان تعمير ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪيو، جيڪو 13 سالن جي طويل عرصي ۾ مڪمل ٿيو. هي شاهراهه، 1 مئي کان 31 ڊسمبر تائين کليل رهندي آهي، جڏهن ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ چوماسي جي برساتن دوران لينڊ سلائيڊنگ جي خطري سبب آمدرفت لاءِ مڪمل طور بند هوندي آهي. ان کان سواءِ ڊسمبر جي آخر ۾ شديد برفباري سبب هن شاهراهه کي مڪمل طور بند ڪيو ويندو آهي.
شاهراهه ريشم، دنيا جي بلند ترين جبل ‘هماليه’ ۽ ان جي جابلو سلسلي جي اهم معدني وسيلن ۽ دنيا جي چئن ايٽمي طاقتن: روس، چين، هندستان ۽ پاڪستان جي وچ مان گذري ٿي. هن شاهراهه جو لاڳاپيل ملڪن جي جاگرافيائي، ماحولياتي، سياسي، دفاعي توڙي تجارتي اعتبار سان گهڻن ئي ملڪن جي خوشحالي ۽ ترقيءَ ۾ تمام وڏو حصو رهيو آهي. موجوده وقت ۾ سامونڊي ۽ هوائي ذريعن وسيلي تجارت کي فروغ ملڻ سبب شاهراهه ريشم پنهنجي اڳوڻي اهميت وڃائي چڪي آهي.


لفظ شاهراهه ريشمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو